سنڌو روزاني اخبار

سنڌو روزاني اخبار

سنڌو روزاني اخبار

سنڌو (روزاني اخبار): عبرت گروپ آف پبليڪيشنز پاران گاڏي کاتي حيدرآباد مان روزاني ’سنڌو‘ اخبار آڪتوبر 1990ع ۾ شايع ڪئي وئي جيڪا شام واري اخبار طور جاري ڪئي وئي. ان جو پهريون ايڊيٽر عبدالغفور ڪريمي عرف اي جي سنڌي هو، جيڪو 2000ع تائين ايڊيٽر رهيو. روزاني سنڌوءَ جي قيمت شروعاتي ڪجهه ڏهاڙن تائين هڪ رپيو رکي ويئي، جنهنڪري اخبار عام ماڻهن تائين گهڻي پهچ حاصل ڪري وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت وڌائي ڏيڍ رپيو ۽ رنگين ايڊيشن شايع ڪرڻ واري ڏينهن ٻه رپيا رکي وئي، جڏهن ته مارچ 1991ع ۾ ان جي قيمت ٻه رپيا ۽ رنگين ايڊيشن واري ڏينهن 3 رپيا مقرر ڪئي وئي. روزاني سنڌو کي 16 ڊسمبر 1992ع کان صبح واري (مارننگر) اخبار طور جاري ڪيو ويو ۽ ڪجهه عرص کانپوءِ ان جي قيمت 4 رپيا ڪئي وئي. روزاني ’سنڌوءَ‘ ۾ اي. جي. چانڊيو، اظهار سومرو، غلام قادر ميمڻ ۽ ٻيا مختلف وقتن تي نيوز ايڊيٽر رهيا، جڏهن ته اي. جي سنڌي، عبرت گروپ سان ڪاروباري وابستگيون ختم ڪري ويو، جنهن کانپوءِ خالد کوکر کي روزاني سنڌوءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، جيڪو هن وقت تائين ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن اخبار جو چيف ايڊيٽر قاضي اسد عابد آهي، جڏهن ته نظام مگسي نيوز ايڊيٽر جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو